اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وفاق 3 سالن دوران سنڌ حڪومت کي 1900 ارب کان وڌيڪ ڏنا، ان جو حساب ڏنو وڃي، 650 ارب جو سنڌ ٽرانسفارميشن پلان ۽ 450 ارب سنڌ رورل ترقياتي پئڪيج پڻ وفاق سنڌ جي ??وام جي لاءِ ڏنو آهي، بلاول صاحب، شايد توهان کي خبر نه آهي ته سنڌ تي گذريل 13 سالن کان پي??لزپارٽي حڪومت ڪري رهي آهي، سنڌ جي ??وام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي سنڌ حڪومت جي ??ميواري آهي، سنڌ حڪومت پنهنجي ??ميواري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، سنڌ ۾ گهٽيون، ناليون، رستا پڪا ڪرڻ، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي، صحت جون سهولتون جيڪڏهن وفاق کي ئي ڏيڻيون آهن ته پوءِ پي??لزپارٽي وٽ سنڌ تي حڪومت جو ڪهڙو جواز بڻجي ٿو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪ??ي وزير فرخ حبيب بلاول ڀٽو جي ??يان تي ردعمل ۾ چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت پنهنجي 3 سالا ڪارڪردگي پيش ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جي ??وام پي??لزپارٽي کان 13 سالا ڪارڪردگي جو پڇي رهي آهي. هن چيو ته زرداري ۽ پوءِ بلاول جي ڪمال مهارت سان ملڪي سطح جي پارٽي اڄ علائقائي پارٽي بڻجي چڪي آهي، پي??لزپارٽي حڪومت پنهنجي 5 سالا اقتدار جي د??ر ۾ ڪرپشن، مني لانڊرنگ، جعلي اڪائونٽس ۾ مصروف رهي ان??ي لاءِ ان وٽ عوام کي ٻڌائڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ان??ن ٽن سالن ۾ ايندڙ نسلن جي لاءِ بي مثال ڪم ڪيو آهي، حڪومتي قدمن جي ڪري روزگار جا تمام گهڻا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، رڳو 10 وڏن پاڻي ذخيرن جي منصوبن ۾ 7 لک نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز سميت سرڪاري ادارن کي تباهه ڪرڻ جون ذميوار (ن) ليگ ۽ پي??لزپارٽي آهن. ماضي ۾ پنهنجي ??ياسي دڪان چمڪائڻ جي لاءِ سرڪاري زمين تي قبضا ڪرايا ويندا رهيا آهن. هن چيو ته بلاول اندرون سنڌ جي ??وام کي ڪيستائين بيوقوف بڻائيندو رهندو، پي??لزپارٽي ڪيترا ڀيرا اقتدار ۾ آئي پر روٽي، ڪپڙا، مڪان نعري جي ??د تائين رکيو. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان جي ??اريخ ۾ پهريون ڀيرو پي ٽي آءِ حڪومت احساس پروگرام تحت سماجي ??حفظ جا 34 پروگرام پيڙهيل طبقن جي لاءِ شروع ڪيا، اڄ تائين جن کي ڇت ميسر نه هئي ان??ن جي لاءِ گهٽ آمدني هائوسنگ پروگرام شروع ڪيو ويو، نوجوانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ ڪامياب جوان پروگرام تحت 22 ارب رپيا فراهم ڪيا ويا.