اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان س??ور?? افغان گروپن جي نمائندگي رکندڙ ٺوس سياسي حل جي لاءِ پرعزم آهي جيڪو اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي ۽ عالمي برادري ۽ س??ور??ن افغان ڌرين سان گڏجي ٺوس سياسي حل جي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو جيڪو افغا??ست??ن ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور فڪر جي لاءِ طلب ڪيو ??يو ??و. اجلاس ۾ سينيئر ڪابينا ميمبرن ۽ سروسز چيفس شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن کي افغا??ست??ن ۾ تازي اڳڀرائي ۽ ان جي پاڪستان ۽ خطي تي ممڪن اثرن تي بريفنگ ڏني وئي. خطي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. قومي سلامتي ڪميٽي نوٽ ڪيو ته پاڪستان افغا??ست??ن ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل جاري تڪرارن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي تنهن ڪري هو خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته عالمي برادري پاڪستان جي چار ڏهاڪن کان ڏني ويندڙ قربانين جو اعتراف ڪري. شرڪت ڪندڙن ان عزم ک?? ورجايو ته پاڪستان افغا??ست??ن ۾ س??ور?? افغان گروپن جي نمائندگي رکندڙ ٺوس سياسي حل جي لاءِ پرعزم آهي جيڪو اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه کي به ورجايو ??يو ته پاڪستان عالمي برادري ۽ س??ور??ن افغان ڌرين سان گڏجي ٺوس سياسي حل ۾ سهولت جي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته افغا??ست??ن ۾ عدم مداخلت جي اصول تي سختي سان قائم رهڻ گهرجي. ڪميٽي ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته هيستائين تشدد جي ڪنهن وڏي واقعي کي ٿيڻ نه ڏنو ويو ۽ افغا??ست??ن ۾ س??ور??ن ڌرين تي زور ڏنو ويو ته قانون جي عملداري جو احترام ڪيو ??ڃي، س??ور?? افغانين جي بنيادي انساني حقن جو تحفظ ڪيو ??ڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ??ڃي ته ڪا به دهشتگرد تنظيم يا گروهه افغان سرزمين کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ڪري سگهي. وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته افغا??ست??ن مان نڪرڻ جي خواهشمند س??ور?? پاڪستانين، سفارتڪارن، صحافين ۽ عالمي تنظيمن کي واپس آڻڻ جي لاءِ س??ور??ن ممڪن سهولتن کي يقيني بڻايو ??ڃي. وزيراعظم ان ڏس ۾ ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ رياستي مشينري جي جاري ڪوششن کي ساراهيو. ڪميٽي پاڪستان جي موقف ک?? ورجايو ته افغا??ست??ن ۾ تڪرار جو ڪڏهن به ڪو فوجي حل نه هو، تڪرار کي ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ جو بهترين وقت اهو ٿي سگهيو ??ئي جڏهن آمريڪا ۽ نيٽو جي فوج ڀرپور عسڪري طاقت سان افغا??ست??ن ۾ موجود هئي. افغا??ست??ن ۾ پرڏيهي فوج جي وڌيڪ ڊگهي عرصي تائين موجودگي سان به ڪي مختلف نتيجا نه نڪرن ها تنهن ڪري بائيڊن انتظاميا پاران فوج جي واپسي جي حوالي سان گذريل آمريڪي انتظاميا جي فيصلي جي توثيق حقيقت ۾ ان تڪرار جو منطقي حل آهي. ڪميٽي چيو ته عالمي برادري جي لاءِ هي وقت آهي ته اها افغا??ست??ن ۾ پائيدار امن، سيڪيورٽي ۽ افغا??ست??ن ۽ خطي جي ترقي جي ٺوس سياسي حل کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪري.