اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) س??ني?? چيئرمين محمد صادق سنجراڻي اسلامي جمهوري پاڪستان جي ”آزادي جي ڏهاڙي“ تي ملڪ اندر ۽ ٻاهر رهندڙ سم??رن پاڪستانين کي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏنيون آهن، هن قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ پوري قوم 14 آگسٽ تي آزادي جو ڏ??اڙو نئين جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي، اسان کي يقين رکڻ گهرجي ته اسان جو آزادي جو ڏ??اڙو ايندڙ ڏينهن ۾ اسان جي لاءِ سياسي، اقتصادي ۽ سماجي استحڪام جي خوشبري کڻي ايندو. هن چيو ته پوري قوم ڄاڻي ٿي ته گذريل ڪجهه سالن ۾ سڄي دنيا کي ڪورونا وائرس جهڙي خطرناڪ عالمي وبا گهيري رکيو آهي جنهن جي ڪري سم??رن ملڪن جي معيشت، اقتصاديات، تعليم، صحت سم??ت سم??را شعبا بري طرح متاثر ٿيا آهن، هن چيو ته ڪورونا وبا کان بچاءُ لاءِ احتياط سم??ت حفاظتي قدم ضروري آهن. موجوده حڪومت ان موذي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪا حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي اها واکاڻ جوڳي آهي.