اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي اهم ترجيحن ۾ آبي ذخيرن جي تعمير ۽ پن ??جلي جا منصوبا شامل آهن، مهمند ڊيم منصوبو م??مل ٿيڻ سان 800 ميگاواٽ پن ??جلي، 12 لک ايڪڙ فوٽ ايڪڙ پاڻي ذخيرو ٿيندو جنهن سان 17 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، ان منصوبي تي ڪم سيپٽمبر 2019ع ۾ شروع ٿيو جيڪو نومبر 2025ع ۾ م??مل ٿيندو. وزيراعظم جي مهمند ڊيم جي دوري جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان مهمند ڊيم سائيڊ جو دورو ڪيو اتي جاري ڪم جو جائزو ورتو، فرخ حبيب ٻڌايو ته مهمند ڊيم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ، ديامرڀاشا، داسو هائيڊرو پاور، ڪرم تنگي ڊيم ملٽي پ??پز، تربيلا ففٿ توسيع، برپوهائيڊرو پاور پراجيڪٽ، سنڌ بيراج پراجيڪٽ، گريٽر ڪراچي بلڪ واٽر سپلائي اسڪيم (ڪي ٽو فور) ڪڇي ڪينال پراجيڪٽ ۽ نئين گنجي پ??اجيڪٽ م??مل ٿيڻ سا?? مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 29 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو، 9 هزار ميگاواٽ پن ??جلي جي پيداوار، 91 هزار 917 ايڪڙ اضافي زمينون آباد ۽ 35 هزار کان وڌيڪ نئين نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا.