ڪراچي -13 مارچ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽ?? عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ سائنسي تعليم جي اشد ضرورت آهي. اسان جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي نوجوانن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. صدر مملڪت اهڙو اظهار يونيورسٽي جو نئون نالو رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بينٽ هوڊسن يونيورسٽي کي سليم ح??يب يونيورسٽي جو نالو ڏنو ويو آهي. صدر مملڪت ڊاڪٽ?? عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ آن لائين تعليم کي وڌيڪ مربوط بنائڻ گهرجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ سان ملڪ ترقي جي راهه تي هلندو. هن چيو ته اسان افرادي قوت ٺاهي ورتي ته قومن جي برادري ۾ پاڪستان ٽاپ تي هوندو. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ ۾ اقليتن ??ي ڌار ڪيو پي?? وڃي، اسان جي نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم معاشري جي تقسيم کي ختم ڪيو. هن چيو ته سليم ح??يب يونيورسٽي ۾ ميرٽ کي خاص اهميت حاصل آهي.