اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده انصاف جي نظام ۾ موجود جهول کي ختم ڪرڻ ۽ عوام جي آسان، سستي ۽ فوري انصاف تائين پهچ کي يقيني ??ڻائڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي منشور جو بنيادي نقطو آهي، قانون واري وزير، پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ۽ اٽارني ??نرل تي مشتمل جوڙيل ڪميٽي عوام جي اميدن موجب قانوني سڌارن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ روڊ ميپ جوڙيندي جنهن جي روشني ۾ ايندڙ هفتي وڌيڪ فيصلا ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عوام کي انصاف جي آسان ۽ فوري فراهمي جي لاءِ ڪيل قانوني سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ قانون واري وزير بئريسٽر فروغ نسيم، پرڏيهي ??زير شاهه محمود قريشي، وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر ظهير الدين بابر اعواڻ، اٽارني ??نرل خالد جاويد خان، قانون واري پارلياماني ??يڪريٽري ملائيڪا علي بخاري ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.