اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس کان بچاءُ لا??ِ لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ ٻن هفتن جي واڌ، اڏاوتي صنعت سميت مختلف ڪاروبار کولڻ، ذخيره اندزوي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام لا??ِ سخت سزائن تي ٻڌل آرڊيننس آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا سبب فوتگ??ون اندازي کان گهٽ آهن، تعميرات جي شعبي جي لا??ِ اڄ اربع ڏينهن هڪ تمام وڏو پئڪيج ڏينداسين، احتيا??ي تدبيرون اختيار ڪندي ٻ??ون صنعتون به ضرورت موجد کول??ون وينديون، ارڙهين ترميم تحت صوبن کي اهو اختيار حاصل آهي ته ڪنهن صنعت کي کول?? جي حوالي سان پنهنجو فيصلو پاڻ ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.