واشنگٽن – 18 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان آمريڪي ڊيموڪريٽڪ سينيٽر ڪرس وان هولن جي پاڪس??ان هائوس واشنگٽن ۾ خاص ملاقات ٿي. ملاقات دوران پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪس??ان آمريڪا سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ذريعي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير سينيٽر هولن کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گذريل 5 مهين ??ان جاري گهيراءُ، بنا جواز پابندين ۽ امن امان جي ڳڻتي جوڳي صورتحال ??ان آگاهه ڪيو.