اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ آرمي ايڪٽ ۾ ترميمن جو بل قومي اسيمبلي مان منظور ٿيڻ تي سمورين سياسي پارٽين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪي تحفظ سان ڳنڍ??ل اهم قانونسازي تي سياسي پارٽين اتفاق ۽ بردباري جو مظاهرو ڪيو، اڄ ثابت ٿي ويو ته جڏهن به ملڪ تي مشڪل وقت آيو سموريون سياسي پارٽيون متحد ٿي وينديون آهن، سياسي معاملن تي اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آهي، جڏهن به ملڪ جي قومي سلامتي ۽ مفادن جي ڳالهه ايندي آهي ته سڀ سياسي پارٽيون متحد ٿي وينديون آه??، پيپلزپارٽي خاص داد جي حقدار آهي جنهن قومي مفاد ۾ پنهنجون تجويزون واپس ورتيون، مخالف ٻڌي وٺن، ملڪي مفاد جي معاملي ۾ سموريون سياسي پارٽيون متحد آه??، پارليامينٽ عوام جي عدالت مان سرخرو ٿيندي رهندي، پاڪستان جي مخالفن جي پروپگنڊا کي پارليامينٽ دفن ڪري ڇڏيو، پارليامينٽ انهن جي ارمانن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهران سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ ??يڊ??ا سان ڳالهائي رهي هئي.