باڪو – 14 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ??يو آهي ته ماحولياتي تبديلي پاڪستان جي لاءِ تمام وڏو چئلينج آهي، گلوبل وارمنگ جي ڪري چوماسي جي برساتن، ٻوڏ ۽ گليشيئرز پگهرڻ سان اسان جي آبادين تي منفي اثر پئجي رهيا آهن، ماڻهو بي گهر ٿي رهيا آهن، فصلن کي نقصان پهچي رهيو آهي، اسرندڙ ملڪن سان ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مدد جا ڪيل واعدا پورا ڪيا وڃن. ڪوپ 29 جي موقعي تي پاڪستان پويلين جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته زهريلي گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ 0.5 سيڪڙو آهي، ٻين ملڪن جو زهريلي گئسن جي اخراج ۾ حصو وڌيڪ آهي جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ ڪِيتو پاڪستان ڀوڳي رهيو آهي. هن ??يو ته پاڪستان پويلين ۾ عالمي برادري تي زور ڏنو ويو آهي ته پيرس ايگريمنٽ، ڪوپ 27 ۽ ڪوپ 28 ۾ ڪيل واعدا پورا ڪيا وڃن. هن ??يو ته ماحولياتي تبديلي جي عالمي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ??يو ته ٻوڏ سان پاڪستان جو اربين ڊالر جو نقصان ٿيو آهي. ماحولياتي تبديلي جي ڪري ايندڙ نسلن جي مستقبل کي خطرو آهي. هن ??يو ته پاڪستان پويلين سڀ کان وڌيڪ متحرڪ پويلين آهي، ماڻهو هتي اچي رهيا آهن، انهن کي پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي نقصانن بابت آگاهي فراهم ڪئي پئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر ملڪ جي فنانس اسٽريٽجي هجڻ گهرجي، ان سان تمام گهڻي بهتري اچي سگهي ٿي. ان سان ڊونر ايجنسي يا ترقي يافته ملڪن کي به مدد ملندي ته اهي اڳ ۾ م??جو?? اسٽرڪچر تحت فنڊنگ ڪري سگهندا. هن ??يو ته اسان پن??نجي ماڻهن ۽ ڪلچر جي تحفظ ۽ ماڻهن کي بي گهر ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ۽ اهو احساس پيدا ڪري رهيا آهيون ته ماحولياتي تبديلي سان ٿيندڙ نقصان اسان پن??نجي ماڻهن تائين پهچڻ نه ڏينداسين. عطاءُ الله تارڙ ??يو ته ايندڙ وقتن ۾ ماحولياتي تبديلي سڀ کان وڏو چئلينج آهي جنهن سان ماڻهن جي جان ۽ مال کي خطرو آهي. هن ??يو ته ان حوالي سان جيترو ڪم ڪيو وڃي گهٽ آهي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪستان پويلين ۾ بلوچستان جي ضلعي حب سان تعلق رکندڙ ٻارڙي زنيره جي اسٽال تي ويو ۽ ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته بلوچستان سان تعلق رکندڙ ٻارڙي زنيره پاڪستان جو آواز آهي جنهن هتي موسمياتي تبديلي جي ڇوڪرين جي تعليم تي پوندڙ اثرن تي آواز اٿاريو آهي. هن ??يو ته اسان کي زنيره جهڙين ٻارڙين تي فخر آهي، زنيره يو اين پاليسي پيپر ۾ به حصو وڌو. هن ??يو ته بلوچستان جي ٻارڙين ۽ تعليم يافته عورتن کي حڪومت جي ڀرپور حمايت حاصل هوندي، بلوچستان جون باشعور عورتون ??اڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. وفاقي وزير ??يو ته پاڪستاني ٻارڙي زنيره گلوبل ڪاز جي لاءِ جيترو ڪم ڪيو آهي ان جي جيتري ساراهه ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن ??يو ته اسان کي فخر آهي ته اسان وٽ اهڙيون ??ارڙيون ????جو?? آهن جيڪي نه رڳو پاڪستان پر پاڪستان جي ڪاز تي يقين رکن ٿيون ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پن??نجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهين ٿيون. هن ??يو ته پاڪستاني ٻارڙين جو مستقبل تمام روشن آهي، زنيره جهڙيون ??ارڙيون ??اڪستان جو پوري دنيا ۾ نالو روشن ڪنديون. اطلاعات واري وفاقي وزي?? ان موقعي تي پاڪستان پويلين جي مختلف اسٽالز جو دورو ڪيو.