اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي و??ير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان سدائين کا?? فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي، ايوان صدر مان فلسطين بابت جاري ٿيندڙ صدر جي بيان تي پرڏيهي و??ارت پاران وضاحت ڪئي و??ي هئي. سينيٽ جي اجلاس ۾ صدر جي فلسطين جي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه کا??پوءِ ايوان صدر پاران جاري ٿيندڙ بيان بابت سينيٽر ميان رضا رباني جي اعتر??ض واري نقطي جي جواب ۾ نگران پرڏيهي و??ير جليل عباسي جيلاني چيو ته ايوان صدر مان صدر جو جيڪو بيان جاري ڪيو ويو ان ۾ پرڏيهي و??ارت کا?? ڪا راءِ نه ورتي و??ي هُئي، صدر هڪ رياستي حل جي ڪهڙي تناظر ۾ ڳالهه ڪئي ان جي مون کي خبر نه آهي، ڇو ته پاڪستان جو سدائين ٻه رياستي حل جو موقف رهيو آهي جنهن جو بنياد 1967ع جي سرحد، گڏيل قومن جي قرارداد 242 ۽ او آءِ سي جُون قراردادون آهن. جڏهن صدر جو بيان جاري ٿيو ته اسان کي به هڪ وضاحت جاري ڪرڻي پئ?? ۽ ??ها وضاحت اسان او آءِ سي سيڪريٽريٽ ۽ گڏيل قومن سميت لاڳاپيل ادارن کي پڻ موڪلي، ان وضاحت کي نه رڳو ملڪي پر غيرملڪي ميڊيا ۾ پڻ اجاگر ڪيو ويو.