اسلام ??باد – 06 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بنون جلسي ۾ پي ڊي ايم جي ”سي درجي“ جي قيادت جي شرڪت ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته انهن جي تحريڪ ختم ٿيڻ جي آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ناڪ??م بيانيي ۽ عوام ??ي عدم شرڪت مرڪزي قيادت ک?? دلبرداشته ڪري ڇڏيو آهي، انهن جا جلسا، جلسين ۽ ريلين ۾ تبديل ۽ قيادت ”بي کان سي“ درجي تائين اچي پهتي آهي.