اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان انتهائي سيڙپڪار دوست پاليسيون اختيار ڪيون آهن جڏهن ته ڪاروبار ۾ آساني جي حوالي سان به سڌارا جاري آهن. هن اها ڳالهه موري ناگا ملڪ انڊسٽري ڪمپني جاپان جي صدر ميچوميان هارا سان ڳالهائيندي چئي جن??ن ساڻس ملاقات ڪئي. صدر مقامي ۽ علائقائي منڊين جي غذائي ضرورتو?? پوريون ڪرڻ جي لاءِ آءِ سي ٽي پاڪستان جي سهڪار سان مينوفي??چر?? پلانٽ جي قيام جي لاءِ 5.1 ارب روپين جي سيڙپڪاري تي موري ناگا جاپان کي ساراهيو.