اسلام آباد -10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪستان ??رڪ??ٽ ٽيم جي ڪاميابي اسان جي رانديگرن جي شاندار اتحاد ۽ ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي، دعا آهي ته اها ڪاميابي پاڪستان ??رڪ??ٽ ٽيم لاءِ هڪ عظيم ۽ شاندار دور جي شروعات هجي. وزيراعظم گذريل ڏينهن پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته پاڪستان جي ??رڪ??ٽ ٽيم لاءِ هي وڏو ڏينهن آهي. پاڪستان ??رڪ??ٽ ٽيم کي آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز جي تاريخي ڪاميابي تي مبارڪون ڏيان ٿو. 22 سالن کان پوءِ پاڪستان آسٽريليا کي سندن هوم گرائونڊ تي شڪست ڏني ۽ اها به شاندار طر??قي سان. وزيراعظم چيو ته چيئرمين محسن ????وي جي اڳواڻي ۾ ڪوچنگ اسٽاف ۽ پي سي بي جي ڪوششن سان گڏوگڏ هي ڪاميابي اسان جي رانديگرن جي شاندار اتحاد ۽ ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي. دعا آهي ته هي پاڪستان ??رڪ??ٽ لاءِ هڪ عظيم ۽ شاندار دور جي شروعات هجي.