اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ۽ عو??م وچ ۾ ويڇي کي ختم ڪرڻ، شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ اعتماد کي هٿي ڏيڻ ۾ انفارميشن گروپ جي آفيسرن جو ڪردار اهم آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان انفارميشن گروپ جي 51 هين ??امن ٽريننگ پروگرام جي پروبيشنري آفيسرن وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. پروبيشنري آفيسر پنهنجي ٽريننگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وزارت جي مختلف ادارن ۾ مقرري جا منتظر آهن. سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا الله تارڙ ۽ سڌ سماءَ واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان به ملاقات ۾ موجود هئي. وزيراعظم، سمورن آفيسرن جو والهاڻو اسقبال ڪيو. ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم چ??و ته حڪومت ۽ عو??م وچ ۾ ويڇي کي ختم ڪرڻ، شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ اعتماد کي هٿي ڏيڻ ۾ انفارميشن گروپ جي آفيسرن جو ڪردار اهم آهي، وزيراعظم حاضر دور جي تيزي سان تبديل ٿيندڙ ميڊيا جي منظرنامي ۾ اثرائتي ڄاڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن آفيسرن جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار ڪ??و ته سمورا آفيسر پنهنجي ذميوارين ??ي ديانتداري، پيشيوراڻي مهارت ۽ عو??مي ڀلائي لاءِ مضبوط عزم سان ادا ڪندا. آفيسرن ملڪ جي ترقي ۽ عو??م جي ڀلائي ۽ بهتري ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پروبيشنري آفيسرن سان ڳالهين دوران وزيراعظم قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ ۽ شهرين ??ي اهم حڪومتي قدمن جي باري ۾ تعليم ڏيڻ ۾ اسٽيٽ ميڊيا ۽ انفارميشن گروپ جي اهميت تي زور ڀريو. هن پروبيشنري آفيسرن جي حوصلا افزائي ڪئي ته هو جمهوري عمل ۾ عو??م جي شموليت کي وڌائڻ لاءِ جديد مواصلاتي اوزارن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ سرگرم رهن.