اسلام آباد-16 نومبر(اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل عوامي پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻ?? سينيٽر الياس احمد بلور جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ڏکويل ڪٽنب سان تعزيت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مرحوم الياس احمد بلور جي عوام جي ڀ??ائي لاءِ ڪيل خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي. الياس احمد بلور سينيٽر طور عوام جي بهترين نمائندگي ڪئي. سندس سياسي خدمتن کي پڻ هميشه ياد رکيو ويندو. الياس احمد بلور جي لاڏاڻي سان سياسي منظر نامي ۾ پيدا ٿ??ل خال کي ڀري نه ٿو سگهجي.