اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ريزيلينس ۽ پائيدار مستقبل حاصل ڪرڻ جي لاءِ 2030ع تائين پائيدار ترقي جي هدفن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ جامع ڪوششن، وڏي پئماني تي آگاهي ۽ جدت سان ڀرپُور موقف ا??تي??ر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي ترقي عورتن کي تعليم، روزگار ۽ انهن کي باا??تي??ر بڻائڻ جي شرط سان واڳيل آهي. وقتي صدر اهڙن خيالن جو اظهار پائيدار ترقياتي پاليسي انسٽيٽيوٽ (ايس ڊي پي آءِ) جي اهتمام هيٺ 27??ين پائيدار ترقي جي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته جديد طريقن سان مصنوعي ذهانت ۽ بلاڪ چين ۾ اڳڀرائي کي استعمال ۾ آڻي سماجي تحفظ ۽ جامع ترقي ڪري سگهجي ٿي. هن ڪابينا جي ميمبرن، تعليمي ماهرن، ماحولياتي ماهرن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ محققن کي ٻڌايو ته پائيدار طريقن جي فروغ جي لاءِ ذميوار شهري بڻجڻ ۽ ماحولياتي آگاهي جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن سسٽين ايبلٽي انويسٽمنٽ ايڪسپو 2024ع جي ٻئي ايڊيشن کي ساراهيو جنهن جو انعقاد جديد ٽيڪنالاجي جي نمائش، تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ ڪيو ويو. وقتي صدر چيو ته ڪانفرنس جو ٿيم جدت ۽ موافقت کانسواءِ ڪمزورين کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جي اهميت جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان پنجون سڀ کان وڌيڪ ڪمزور ملڪ هجڻ جي ڪري موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏئي رهيو آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ملڪ موسمياتي نظم ۽ ضبط ۽ پائيدار ترقي طرف ساراهه جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي، قومي موسمياتي ۽ پائيدار ترقي جي پاليسي ريزيلينس، غربت جي خاتمي، سماجي برابري، عورتن کي باا??تي??ر بڻائڻ، زراعت، پاڻي وسيلن ۽ توانا??ي جي ڪارڪردگي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي جو خاڪو پيش ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان وسيع تر انساني ڀلا??ي جي لاءِ پائيدار ترقي جي نتيجن تائين پهچڻ جي عزم جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ويزن 2025ع کي پائيدار ترقي جي هدفن سان ڳنڍيو آهي. وقتي صدر چيو ته منصوبابندي واري وزارت جو فائيو ايز فريم ورڪ برآمدات، اي گورننس، ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي، توانائي ۽ انفرا??ٽر??چر سان گڏوگڏ برابري ۽ باا??تي??ر بڻائڻ بابت پاڪستان جي مختصر کان وچولي مدي جي حڪمت عملي جي پڻ وضاحت ڪري ٿو. وقتي صدر چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لکين ڪمزور خاندانن کي مالي امداد فراهم ڪئي آهي جڏهن ته غربت ۾ گهٽتائي ۽ جامع ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اضافي معاشي سڌارا ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ کي سولر انرجي تي منتقل ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي ماحولياتي تبديلين تي اسٽينڊنگ ڪميٽين جو قيام عمل ۾ آندو ويو جڏهن ته پائيدار ترقي جي هدفن کي قومي ترقي جي ايجنڊا ۾ ضم ڪرڻ جي لاءِ قانونسازي ڪئي وئي. سيد يوسف رضا گيلاني غربت ۾ گهٽتائي، صنفي فرق کي ختم ڪرڻ، تعليم، صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن تي زور ڏنو. هن چيو ته ملڪ جي ترقي عورتن کي تعليم، روزگار ۽ قيادت فراهم ڪري انهن کي باا??تي??ر بڻائڻ جي شرط سان واڳيل آهي ڇو ته صنفي برابري نه رڳو اخلاقي ضرورت آهي پر پائيدار ترقي جو هڪ اهم محرڪ پڻ آهي.