اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) بيلاروس جو وزيراعظم رومان گولوف چينڪو ??نگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي 23هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد پهچي ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اسلام آباد ا??ٽرنيشنل ايئرپورٽ تي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سندس ا??تقبال ڪيو.