لاڙڪاڻو-21 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو کان ايران ويندڙ زا??ري?? جي ڪوچ سان ايران جي شهر يزد ۾ خوفناڪ حادثو پيش اچڻ سبب 31 کان وڌيڪ زا??ري?? شهيد ۽ 20 کان وڌيڪ سخت زخمي ٿي پيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حادثي تي افسوس جو اظهار ڪ??دي سنڌ صوبا??ي وزير ناصر شاهه کي ايران ۾ متاثر خاندانن جي مدد لاءِ ڪراچي ۾ ايران جي قونصل جنرل سان رابطي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. لاڙڪاڻي کان سيد اطهر شاهه شمسي جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتل زا??ري?? جي ڪوچ ايران جي شهر يزد ۾ بريڪ فيل ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪلٽي ٿي پئي. شروعاتي ڄاڻ موجب ڪوچ ۾ 55 ڄڻن سميت ڊرائيور ۽ ڪنڊڪٽر سوار هئا. حادثي جي نتيجي ۾ 31 کان وڌيڪ زا??ري?? موقعي تي ئي دم ڏنو. جڏهن ته 20 کان وڌيڪ زا??ري?? سخت زخمي ٿي پيا آهن جن مان ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پ??ي وڃي. ايراني انتظاميه جي ايمرجنسي ريسڪيو ٽي?? موقعي واري هنڌ پهچي لاشن ۽ زخمين کي ڪوچ هيٺيان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي فوتين ۽ زخمين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. ٻئي پاسي ٰ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايران ۾ پاڪستاني زا??ري?? جي ڪوچ سان ٿيل حادثي تي افسوس جو اظهار ڪ??دي چيو آهي ته ايران ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ٿيل جاني نقصان تي انتهائي افسوس ٿيو آهي، ايران روڊ حادثي ۾ شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪ??ان ٿو. ان کان اڳ حادثي بابت وزيراعليٰ سنڌ کي آگاهي ڏني وئي ته لاڙڪاڻو کان 50 کان 55 زا??ري?? جي بس کي ايران جي شهر يزد ۾ حادثو پيش آيو آهي جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير صوبا??ي وزير ناصر شاهه کي ايران ۾ متاثر خاندانن جي مدد لاءِ ڪراچي ۾ ايران جي قونصل جنرل سان رابطي ڪرڻ ۽ حادثي ۾ فوت ٿي ويل جا لاش آڻڻ جا انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري کي پرڏيهي وزارت سان رابطي ۽ پرڏيهي وزارت سان لاشن جي واپسي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، واپسي لاءِ سفري سهولتن جو بندوبست ڪيو وڃي.