اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي حڪومت انفارميشن گروپ جي گريڊ 21 هين جي آفيسر محمد ارشد منير کي ايڊيشنل سيڪريٽري وزيراعظم آفيس (پبلڪ) مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ڪابينا سيڪريٽريٽ،اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سندس مقرري جو نوٽيفڪيشن ??ار?? ڪري ڇڏيو. محمد ارشد منير انفارميشن سروس اڪيڊمي اسلام آباد جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنر?? جي حيثيت سان فرض سران??ام ڏئي ??هيو هو. نوٽيفڪيشن موجب سندس مقرري فوري طور تي ٻئي ??ڪم تائين ٽن سالن جي لاءِ ڊيپوٽيشن تي ڪئي وئي ??هي. ارشد منير ان کان اڳ اطلاعات واري وزارت ۾ جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي ذميواريون سران??ام ڏئي چڪو آهي.