اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) نائب ??زيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪس??ان جي دوري تي آيل ايشيا ۾ رابطي ۽ اعتمادسازي جي قدمن تي ڪانفرنس (سيڪا) جي سيڪريٽري جنرل سفير ڪيرات سريبي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب ??زيراعظم ايشيا ۾ گڏيل ۽ ٺوس تعاون تي ٻڌل ۽ پائيدار سلامتي جي لاءِ س??ڪا جي ويزن جي لاءِ پاڪس??ان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن تڪرارن جي روڪٿام، مقامي تڪرارن جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ ۽ سيڪا خطي ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي لاءِ پائيدار حل ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نائب ??زيراعظم اڀرندڙ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ روڪٿام جي سفارتڪاري، گهڻ رخي ۽ علائقائي تعاون جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. سيڪا جي سيڪريٽري جنرل پاڪس??ان جي فعال ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ نائب ??زيراعظم کي سيڪا جي جاري سرگرمين ۽ مستقبل جي موقف کان آگاهه ڪيو.