راولپنڊي- 20 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان زمين کان زمين تي مار ڪندڙ بيل??ٽڪ ميزائيل شاهين – ٽو جو ڪامياب تجر??و ڪيو. ان جو مقصد فوجي جٿن جي تربيت، مختلف فني رخن جي تصديق ۽ مختلف ذيل?? نظامن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ هو. آءِ ايس پي آر موجب ان تجربي جو مشاهدو اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي سينئر آفيسرن، آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ جي آفيسرن ۽ اسٽريٽجڪ تنظيمن جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن ڪيو. اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن واري ڊائريڪٽر جنرل ان سنگ ميل کي ??اصل ڪرڻ ۾ سائنسدانن جي فني مهارت، لگن ۽ عزم کي ??اراهيو. صدر، وزيراعظم، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس ان ڪاميابي تي سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪون ڏنيون.