اسلام آباد -10 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف ??لي زرداري پاڪستاني ايٿليٽ ارشد ??دي?? کي اولمپڪس ۾ رڪارڊ ڪارڪردگي تي هلال امتياز عطا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت آصف ??لي زرداري، ارشد ??دي?? کي راند جي ميدان ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ خاص تقريب ۾ سول ايوارڊ عطا ڪندو. صدر مملڪت جي هدايت تي ايوان صدر ارشد ??دي?? کي سول ايوارڊ عطا ڪرڻ لاءِ ڪابينه ڊويزن کي خط لکي ڇڏيو آهي. صدر مملڪت آصف ??لي زرداري چيو ته ارشد ??دي?? بهترين ڪارڪردگي سان راند جي ميدان ۾ قوم جو سر فخر کان بلند ڪيو. ايوان صدر طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ارشد ??دي?? جي عالمي سطح تي شاندار ڪاميابي قوم لاءِ فخر جو سبب بڻي آهي. ارشد ??دي?? ايٿليٽڪس جي ميدان ۾ نالو روشن ڪيو. صدر مملڪت ارشد ??دي?? کي سول ايوارڊ آئين جي آرٽيڪل 259 (2) تحت عطا ڪندو. آئين تحت صدر مملڪت مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ جي اعتراف ۾ پاڪستان جي شهرين کي اعزاز عطا ڪري سگهي ٿو.