اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڀ??رت ۽ اسرائيل کي ڪش??يرين ۽ فلسطينين کي انهن جو بنيادي حق ڏيڻو پوندو، ڳالهه ٻولهه سان ئي سمورا تڪرار حل ڪري سگهجن ٿا، ڪش??يرين جي آزادي تائين هر فورم تي انهن جي حمايت جاري رکنداسين، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪش??يرين جو رت رنگ لائيندو، ڀ??رت کي ان حقيقت جو ادراڪ آهي ته هو پاڪستان سان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهه نٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪش??ير ??ست??صال ڏهاڙي جي موقعي تي وڊيو لنڪ جي ذريعي ڪش??ير قانونساز اسيمبلي جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته 77 سال اڳ آگسٽ جي مهيني ۾ قائداعظم جي عظيم قيادت ۽ لکين مسلمانن جي عظيم قربانين سان پاڪستان وجود ۾ آيو هو. اڄ پاڪستان جي عوام سبز هلالي جهنڊي هيٺ پنهنجي زندگي گذاري رهي آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي حڪومت غاصباڻي طور تي پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي عوام جي حقن کي کسي ورتو ۽ آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جو خاتمو ڪري ڪش??ير ۾ غيررياستي ماڻهن کي آباد ٿيڻ جو قانوني حق ڏنو ويو. انهن کي اتان جي رهواسين جي ملڪيتن جي جبري طور خريداري جو حق پڻ ڏنو ويو. هن چيو ته هي اهو ظالماڻو قدم آهي جيڪو لاڳيتو آزادي جو حق گهرندڙ لکين ڪش??يرين سان گذريل 77 سالن کان رکيو ويو آهي. هن چيو ته قائداعظم ڪش??ير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو. جيستائين ڪش??ير آزاد نه ٿو ٿئي، جيستائين انهن کي بنيادي حق ملي نه ٿا وڃن، پاڪستان ڪش??يرين جي اخلاقي مدد جاري رکندو ۽ عالمي فورمز جا دروازا کڙڪائيندو رهندو. اهو وقت جلد ايندو جڏهن ڪش??يري ڀ??رت جي غاصباڻي قبضي کان آزاد ٿي ويندا. وزيراعظم چيو ته 77 سال گذري وڃڻ جي باوجود ڪش??ير جي واديءَ هزارين ڪش??يرين جي رت سان ڳاڙهي آهي ۽ انهن تي ظلم جا جبل ٽوڙيا ويا انهن جو د??ست??ن دنيا آڏو آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ 5 آگسٽ تي اسان پنهنجي ڪش??يري ڀائرن کي سلام عقيدت پيش ڪريون ٿا، انهن جي عظيم جدوجهد جو د??ست??ن پيش ڪريون ٿا. ڪش??ير ڪاز جي لاءِ جن لکين ڪش??يرين پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا اسان انهن کي س??راهيون ٿا ۽ واعدو ڪريون ٿا ته انهن قربانين کي وساريو نه ويندو ۽ نه رائيگان وينديون. هن چيو ته اسان چوڌري غلام عباس، سردار ابراهيم خان، مير واعظ محمد يوسف شاهه، سيد علي گيلاني، محمد اشرف صحرائي، الطاف احمد شاهه، مولانا عباس انصاري ۽ انهن سمورن بزرگن، نوجوانن ۽ ڪارڪنن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي نظريي جي لاءِ دلين کي گرمايو ۽ تحريڪ هلائي ۽ ڏينهن رات آزادي جي لاءِ آواز اٿاريو، ڀ??رت جي ڏاڍ جو ڀرپور مقابلو ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان آسيه اندرابي، ياسين ملڪ، مير واعظ عمر فاروق، شب??ر احمد شاهه، مسرت عالم ڀٽ کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ڪيترائي س??ل دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ مصيبتون ۽ ظلم برداشت ڪيو. انهن جي گهرڀاتين کي انهن سان ملڻ نه ڏنو ويو. انهن فوجي گهيراءُ ۾ اهو ظلم برداشت ڪيو پر پنهنجو ڪنڌ نه جهُڪايو ۽ ظلم جي باوجود ڪش??ير بڻجندو پاڪستان جي وڏا نعرا هنيا. انهن نعرن جي گونج کي روڪڻ جي لاءِ ڀارتي فوج سمورا حربا ??ست??مال ڪيا ۽ سمورا ظلم ڪيا پر ان جذبي ڀ??رت جي سمورين ڪاررواين کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪش??يرين جو رت رنگ لائيندو. هن چيو ته اسان اڄ سردار ابراهيم خان، سردار عبدالقيوم خان، سردار سڪندر حيات خان سميت سمورن مرحوم قائدين کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي سڄي عمر ڪش??ير ڪاز جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ڀ??رت جي ظلم جي اڳيان ڪنڌ نه جهڪائيندڙ ڪارڪنن کي پڻ سلام پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ فلسطيني پڻ پنهنجي آزادي جي لاءِ جانيون ڏئي رهيا آهن، غزه ۾ ظلم ڪيو پيو وڃي. 40 هزار فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو آهي. اسڪولن ۽ اسپتالن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، اسرائيلي فوج جيڪو ظلم ڪري رهي آهي ان کان بدترين ظلم جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي پر فلسطيني ڀائرن جي قربانين جي عزم ۾ ڪا گهٽتائي ناهي آئي. وزيراعظم چيو ته ڪش??يري ۽ فلسطينين جون قربانيون جلد رنگ لائيندون. هن چيو ته اسرائيل جي وزيراعظم پنهنجي فوج جي ذريعي جهڙي طرح جا ظلم فلسطين ۾ ڪيا آهن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو آهي ۽ انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي توهين ڪئي آهي ان جو به مثال نه ٿو ملي. وزيراعظم چيو ته تهران ۾ اسماعيل هنيه کي شهيد ڪيو ويو. پاڪستان سميت اسلامي ملڪن نه رڳو سوڳ ملهايو پر ان جي ڀرپور مذمت ڪئي. ان جي غائباني جناز نماز ادا ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته مسجد اقصيٰ جي امام کي اسماعيل هنيه جي ڳالهه ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته اها ڳالهه ذهن ۾ رکي وڃي ته ڀ??رت ڪڏهن به ڪش??ير کي پنهنجو حصو نٿو بڻائي سگهي. هو جيترو ظلم ڪري هو ڪش??يرين کي غلام نه ٿو رکي سگهي. وزيراعظم چيو ته هڪ ڏينهن ايندو ته اسرائيل ۽ ڀ??رت کي انهن ظلمن جو جواب ڏيڻو پوندو ۽ انهن جي ناجائز قبضي کان اتان جي عوام کي آزادي ملندي. هن چيو ته اڄ پوري پاڪستاني قوم ڀ??رت جي 5 آگسٽ 2019ع جي قدم جي ڀرپور مذمت ڪري رهي آهي. اهو ڏينهن جلد ايندو جڏهن ڀ??رت کي پنهنجا ڪيل واعدا پورا ڪرڻا پوندا. پاڻ نهرو ڪش??ير ۾ ريفرنڊم جو واعدو ڪيو هو، ان حوالي س??ن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون قراردادون پڪاري پڪاري ڪش??يرين جو حق ڏيارڻ جي ياد ڏيارين ٿيون. عالمي برادري سميت پاڪستان ۽ ڪش??يرين انهن ڀارتي قدمن کي رد ڪري ڪيو. گڏيل قومن ۽ او آءِ سي انهن ڀارتي هڪطرفي قدمن کي رد ڪري چڪي آهي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن دنيا کي واضح پيغام ملڻ گهرجي ته ڀارت ڪش??يرين جي تقدير جو فيصلو هڪطرفي طور نه ٿو ڪري سگهي. ان حوالي س??ن ڀ??رت ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهي ته هو ڪش??يرين جو حق کسي سگهي ٿو. ڪش??ير هڪ ڏينهن ضرور آزاد ٿيندو ۽ انهن کي انهن جو حق ضرور ملندو. هن چيو ته پاڪستان هڪ ائٽمي طاقت آهي. پاڪستان پنهنجي ائٽمي قوت کي جارحيت جي لاءِ ??ست??مال ڪرڻ جو سوچي به نه، بهتر رستو امن جو رستو آهي ۽ انهن تڪرارن جو گڏجي ويهي حل ڪڍڻ جي لاءِ ڀ??رت کي هوش کان ڪم وٺڻو پوندو. هن چيو ته ڀ??رت کي ان حقيقت جو ادراڪ آهي ته هو پاڪستان سان اکيون اکين ۾ وجهي ڳالهه نه ٿو ڪري سگهي. الله پاڪستان کي اها طاقت ڏني آهي ته هو پنهنجي طرف کڄندڙ اک کي جواب ڏي. اهڙي طرح فسلطين جي مسلمانن کي به انهن جو حق ملڻ گهرجي ته جيئن دنيا ۾ امن ٿئي. ان کانسواءِ سمورا رستا تباهي طرف وڃن ٿا. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن ڀ??رت ۽ اسرائيل کي اهو پيغام واضح طور تي پهچندو ته امن جو رستو ئي واحد رستو آهي. ڪش??يرين ۽ فلسطينين کي انهن جو بنيادي حق ملڻ گهرجي.