اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سلطانت عمان جي پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد بن حمود البوسيدي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن مسقط جي واديءَ ڪبير ۾ امام بارگاهه علي بن ابو طالب تي ٿيندڙ تازي دهشتگرد حملي تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي ۽ هر قسم جي دهشتگردي کي منهن ??يڻ جي لاءِ گڏيل ڪارروائي جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم دهشتگردي کي منهن ??يڻ جي لاءِ عمان جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو. هن ميتن جي پاڪستان واپسي ۽ عمان جي اسپتالن ۾ پاڪستاني زخمي شهرين جي سارسنڀال ۾ عمان جي تعاون کي پڻ ساراهيو. بيان موجب ٻنهي اڳواڻن سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي تعاون کانسواءِ عوام جي مٽاسٽا تائين ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير هن هفتي جي آخر ۾ عماني سيڙپڪارن جي هڪ وفد جي پاڪستان اچڻ جي آجيان ڪئي جيڪو گڏيل ط??ر تي لاڀائتي اقتصادي تعاون جي شعبن کي ڳولڻ جي لاءِ ت??ار آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي. قيادت ۽ پرڏيهي وزارت جي سطح تي دورن جي مٽاسٽا تي اصولي ط??ر تي اتفاق ڪيو ويو جنهن جي لاءِ سفارتي ذريعن سان گڏيل ط??ر تي مناسب تاريخن کي طئي ڪيو ويندو.