دوشنبي – 02 ?? جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ۾ ملاقات ٿي، ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته وزيراعظم تاجڪ صدر کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپ??ار??، علائقائي رابطن ۽ پاڪستان ۽ تاجڪستان جي عوام جي وچ ۾ سماجي رابطن کي سگهه ڏيڻ جي دعوت ڏني آهي. تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ تاجڪ صدر عزت امام علي رحمان جي وچ ۾ ملاقات ٿي. تاجڪ صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جو شاندار استقبال ڪيو. تاجڪ صدر پاڪستان ۽ تاجڪستان جي پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي حوالي سا?? ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ توانائي، معدنيات، صنعت، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ عالمي سيڙپ??ار?? جي لامحدود صلاحيت موجود آهي. هن تاجڪ صدر کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپ??ار??، علائقائي رابطن ۽ پاڪستاني ۽ تاجڪ عوام جي وچ ۾ سماجي رابطن کي سگهه ڏيڻ جي دعوت ڏني.