بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين صنعت، توانائي، زراعت، ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر، صحت، ٽيليويزن، فلم سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 23 مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪري ڇڏيون. صحيحن جي تقريب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي وچ ۾ عظيم عوامي هال ۾ وفدن جي س??ح تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ منعقد ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ پڻ موجود هئا. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ جن مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون انهن ۾ فلم ”ڪو – پروڊڪشن“ جو معاهدو، خبرن ۽ اطلاعات جي مٽاسٽا ۽ تعاون جو معاهدو، پاڪستان ٽيليويزن ڪارپور??شن ۽ چائنا ميڊيا گروپ جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن، سي پيڪ ۾ ٿرڊ پارٽي جي حصيداري جي حوالي س??ن ضابطي ڪار، ڊيره اسماعيل خان – زوب قومي رستو 50 جي فزيبلٽي اسٽڊي جي حوالي س??ن مفاهمتي يادداشتن، مظفر آباد- ميرپور – منگلا ايڪسپريس وي جي فزيبلٽي اسٽڊي جي حوالي س??ن مفاهمتي يادداشت، مانسهره – چلاس قومي رستو – 15 تي بابوسر واري جڳهه تي ٽنل جي تعمير جي حوالي س??ن مفاهمتي يادداشتن، ڪراچي – حيدرآباد موٽروي – 9 جي حوالي س??ن فزيبلٽي اسٽڊي، قراقرم هاءِ وي جي ري الائنمنٽ جي مفاهمتي يادداشت، 2022ع جي صنعتي تعاون جي فريم ورڪ کي لاڳو ڪرڻ جي حوالي س??ن ايڪشن پلان، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي شعبن ۾ سرويئنگ، ميپنگ ۽ جيو انفارم??شن جي حوالي س??ن پروٽوڪول، زراعت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي مفاهمتي يادداشت، توانائي جي موثر مئنيجمينٽ سسٽم جي حوالي س??ن اسٽڊي، هڪ هٺيءَ جي خاتمي ۾ تعاون جي حوالي س??ن مفاهمتي يادداشت، گورننس جي شعبي ۾ صلاحيت وڌائڻ جي حوالي س??ن ورڪشاپ جو ليٽر آف انٽينٽ، انڊسٽريل پارڪ جي تعمير جي حوالي س??ن ورڪشاپ جو ليٽر آف انٽينٽ، ستين جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي سي پيڪ تحت صنعتي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي اتفاق جي توثيق، پاڪ چين دوستي اسپتال، گوادر جي حوالگي جو سرٽيفڪيٽ، گوادر ۾ سامونڊي پاڻي کي مٺو ڪرڻ جي پلانٽ جي حوالگي جو سرٽيفڪيٽ، سنڌ ۾ پرائمري اسڪولن جي ٻيهر تعمير جو ليٽر آف ايڪسچينج، ليڊي هيلٿ ورڪرز ورڪ اسٽ??شن جي منصوبي جو ليٽر آف ايڪسچينج ۽ جوناڪو ڪلٽيو??شن ڊيمانسٽر??شن اينڊ پروجيڪشن جي منصوبي جو ليٽر آف ايڪسچينج شامل آهن. معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي پاڪستان پاران منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اح??ن اقبال، مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، بجلي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ صحيحون ڪيون.