اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ ڇوڪرين جي لاءِ قائم نجي اسڪول تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ??يو آهي ته قوم جي ڌيئرن جي ت??لي?? ۾ رنڊڪ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگرد عنصرن کي ڪيفر ڪر??ار تائين پهچائينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي فوري نشاندهي ۽ سزا يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم حملي ۾ اسڪول جي تباهه ٿيل حصي کي فوري طور ت سرڪاري خرچ تي ٻيهر تعمير ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته دهشتگردن جي ڇوڪرين جي ت??لي?? کي روڪڻ جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، قوم جي ڌيئرن جي ت??لي?? ۾ رنڊڪ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگرد عنصرن کي ڪيفر ڪر??ار تائين پهچائينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان باصلاحيت ڌيئرن کي ت??لي?? جي زيور سان ليس ڪرڻ ۽ انهن کي ترقي جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڀرپور سگهه سان ڪوشش ڪري رهيا آهيون.