اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) ايران جو صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي ٽن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. اسلام آباد ايئرپورٽ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. پرڏ??هي آفيس موجب هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پي??زاده ۽ ايران ۾ پاڪستان جي سفير مدثر ٽيپو سندس آجيان ڪئ??. ا??راني صدر سان گڏ سندس گهرواريءَ ۽ پرڏ??هي وزير کانسواءِ ڪابينا جي ٻين ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطح وفد پڻ گڏ آهي. صدر ابراهيم رئيسي جو دورو پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ايجنڊا پاڪ ايران لاڳاپن ج?? گهرائي ۽ سگهه جي عڪاسي ڪري ٿو. هو پاڪستان ۾ قيام دوران صدر ۽ وزيراعظم، سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملاقاتون ڪندو. هو لاهور ۽ ڪراچي ??و پڻ دورو ڪندو ۽ صوبائي قيادت سان ملاقاتون ڪندو.