اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ 5 سالن ۾ ٽيڪس کي جي ڊي پي جي 15 سيڪڙو تائين وٺي وينداسين، سرڪاري ملڪيت جا ادارا خاص طور تي خساري جو شڪار اد??رن جي سڌ??رن ۽ نجڪاري جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، ٻاهرئين قرضن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پڻ هڪ ٺوس پلان جوڙي پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اقتصادي شعبي جي سڌ??رن تي اع??يٰ سطحي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وفا??ي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، احسن اقبال، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اع??يٰ عملد??رن شرڪت ڪئي. اجلاس کي اوڳاڙين، مالي خساري، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن، مٽاسٽا جي ناڻي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي اوڳاڙين، سبسڊيز، بجلي جي شعبي جي سڌ??رن سان گڏوگڏ ??زيراعظم جي حڪومتي خرچن گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان هدايتن تي عملدرآمد تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته عامماڻهو تي بار وجهڻ کانسواءِ اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ ٺوس پلان جوڙي پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته وفاق صوبن کي مضبوط ڪري 18 هين ترميم جون سموريون لاڳاپيل وزارتون ۽ ادارا صوبن جي حوالي ڪندو، مالي خساري کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي، ملڪ جي سمورن وڏن ايئرپورٽس تي سروسز جي بهتري جي لاءِ نجي آپريٽرز سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته سرڪاري قرض ۾ ترتيبوار گهٽتائي، پينشن ۽ سبسڊي سڌارن، سرڪاري ملڪيتي اد??رن جي سڌ??رن ۽ نجڪاري تي حڪومت جو ڀرپور ڌيان آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ باءِ پروگرام جي تڪميل خوش آئنده آهي، حڪومت آءِ ايم ايف سان ايندڙ پروگرام جي لاءِ پڻ ڀرپور محنت ڪندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اقتصادي شعبي جي ترقي جي لاءِ عالمي شهريت يافته ماهرن جون خدمتون ورتيون وينديون.