اسلام آباد – 07 – م??رچ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ?? ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چي?? ته دنيا 8 م??رچ تي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهي آهي، اسان ڪشمير جي انهن باهمت عورتن کي ياد ڪرڻ چاهينداسين جن ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ?? ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي ڄمي منهن ڏنو آهي. ترجمان چي?? ته انهن وڏي پئماني تي ڏک برداشت ڪيا ۽ رڪاوٽن کي منهن ڏنو جيڪي بنيادي ضرورتن تائين انهن جي پهچ ۽ باوقار زندگي گذارڻ جي انهن جي صلاحيت ۾ رڪاوٽ آهن. هن چي?? ته ڀارتي فورسز جي جعلي مقابلن سان بيواهه ۽ يتيم ٿيندڙ ڪشميري عورتون پنهنجي خاندانن جو واحد روزگار جو ذريعو بڻجڻ تي مجبور آهن. هن چي?? ته خاندانن جي سربراهي ڪندڙ عورتن کي م??اش??ي ۾ اضافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ باعزت نوڪرين جي ڳولا ۾ رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ترجمان چي?? ته حريت اڳواڻن بشمول آسيه اندرابي، ناهيده نسرين ۽ فهميده صوفي سميت عورت ڪارڪن ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ?? ڪشمير ۽ ڀارت جي مختلف جيلن ۾ نظربند آهن. هن چي?? ته ڪشميري عورتون پنهنجي زندگي پنهنجي مرضي موجب گذارڻ جون مستحق آهن ۽ اهي پنهنجي حقن ۽ آزادي بشمول پرامن ميڙاڪن ۽ اظهار راءِ ??ي آزادي جو حق رکن ٿيون.