اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ک?? ٻيو ڀيرو پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبن جي چونڊيل ميمبرن آصف علي زرداري تي پ??هن??ي اعتماد جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري ??فاق جي مضبوطي جي ع??ام?? هوندو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته آصف علي زرداري ??اڪستان جي صدر طو?? پنهنجون آئيني ذميواريون بهترين طريقي سان سرانجام ڏيندو. آصف علي زرداري جو پاڪستان جي صدر طور چونڊجڻ جمهوري ??درن جو تسلسل آهي، اتحادي پارٽيون گڏجي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ محنت ڪنديون.