اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شطرنج جي راند کي پاڪستان ۾ مقامي سطح تي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ شطرنج جي مقبوليت لاءِ مقابلا منعقد ڪرڻ گهرجن ۽ شطرنج جي ع??لم?? تنظيمن ۽ نجي شعبي سان حصيداري کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پر??س ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ع??لم?? شطرنج فيڊريشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته شطرنج جي سرپرستي ۽ فروغ جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبن جي وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻي پوندي، شطرنج جا مقابلا منعقد ڪرڻ سان راند جي حوصلا افزائي ڪري سگهجي ٿي. صدر ملڪ ۾ شطرنج سميت صحتمند سرگرمين کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته شطرنج جا ذهني ۽ تعليمي فائدا آهن، تعليمي نظام ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته شطرنج ذهني ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ ۽ ذهني صلاحيتون وڌائڻ ?? مددگار ثابت ٿئي ٿي. وفد صدر کي دنيا ۾ شطرنج جي فروغ ۾ ع??لم?? شطرنج فيڊريشن جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. وفد صدر کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته پاڪستان ۾ شطرنج بابت سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جا وسيع امڪان موجود آهن، پاڪستان ۾ ماڻهن جو وڏو انگ شطرنج جي راند کي پسند ڪري ٿو. وفد چيو ته شطرنج کي اسڪولن ۾ پرائمري سطح تي فروغ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته شطرنج جا رانديگر شطرنج جي ع??لم?? مقابلن ۾ آن لائين پڻ حصو وٺي سگهن ٿا. وفد ۾ ع??لم?? شطرنج فيڊريشن جو صدر ۽ روس جو اڳوڻو نائب وزيراعظم آرڪا ڊي ڊورڪووچ، ايشين شطرنج فيڊريشن جو صدر ۽ گڏيل عرب امارات ۾ مرحوم صدر جو پٽ شيخ سلطان بن خليفه النهيان، ع??لم?? شطرنج فيڊريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊانا ريزنيز اوزولا، برطانوي شطرنج جي گرينڊ ماسٽر ڊاڪٽر نائجل شارٽ، ايشين شطرنج فيڊريشن جو سيڪريٽري جنرل هشام الطاهر، پاڪستان شطرنج فيڊريشن جو سرپرست اعليٰ جوهر سليم، ع??لم?? شطرنج فيڊريشن جا ميمبر، ايشين چيس فيڊريشن، پاڪستان شطرنج فيڊريشن، اسلام آباد ??سڪريبل ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان اسڪريبل ايسوسيئيشن جا ميمبر شامل هئا.