اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پا??لياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان سموريُون اڳڪٿيُون ۽ افواهه دم ٽ??ڙي چڪا آهن، 8 فيبروري 2024ع جي صبح 8 وڳي پولنگ اسٽيشنز کلنديون ۽ پاڪ??تا?? جو عوام پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندو. مقامي هوٽل ۾ پاڪ??تا?? انسٽيٽيوٽ آف ڊيولپمينٽ اڪنامڪس (پائيڊ) جي اهتمام هيٺ سڌاراجاتي منشور جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پا??لياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته 17 آگسٽ 2023ع تي نگران ڪابينا جي حلف کڻڻ کانپوءِ مسلسل اهو ئي چئي رهيا آهيون ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون ۽ اليڪشن ڪميشن کي معاونت فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، پاڪ??تا?? جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، چونڊون وقت سر منعقد ڪرڻ جي حوالي سان ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان ميڊيا جي ذميواري اڳ کان وڌيڪ وڌي وڃي ٿي، ميڊ??ا کي ان ڏس ۾ ذميواراڻي رپورٽنگ ڪرڻي پوندي. اطلاعات ۽ پا??لياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ملڪ کي معيشت، پرڏيهي پاليسي، ٽيڪس سڌارن، صحت، تعليم ۽ آبادي ۾ اضافي جهڙا مسئلا ۽ چئلينجز درپيش آهن، زراعت ملڪ جي جي ڊي پي جو هڪ چوٿون حصو آهي پر ان شعبي کان ٽيڪس جي وصولي تمام گهٽ آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? جي آئين جي آرٽيڪل 140 ۽ 140 اي تحت مقامي حڪومتون مالي، سي??سي ۽ انتظامي طور تي خودمختياري هونديون، 18 هين ترميم تحت صوبن کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويا پر اهي اختيار هيٺئين سطح تي منتقل نه ٿي سگهيا. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جو اصل ڪم قانونسازي ۽ ملڪ جي مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ آهي، دعوائن ۽ واعدن جي تڪميل سي??سي پارٽين جو ڪم آهي. هن چيو ته سي??سي پارٽين جي اندر جمهوري روين جي ضرورت آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ عدالتي فيصلي سان هڪ مثال قائم ٿيو آهي ته پا??ٽين جي اندر چونڊون ۽ جمهوري رويو هجڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن پا??ٽي جي اندر جمهوريت نه هجي ته اها ڪهڙي طرح ملڪ ۾ جمهوريت جي دعويدار ٿي سگهي ٿي؟ نگران وفاقي وزير چيو ته ملڪ جي بنيادي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي ۽ عوام جي شعور ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي.