اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته هاڻي عام چونڊن جي حوالي سان ڪنهن کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، چونڊ عمل کي صاف، شفاف يقيني بڻائڻ نگران حڪومت جي ذميواري ??هي?? اسان پنهنجي ذميواري پوري ايمانداري سان نڀائي رهيا آهيون، ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهم ??هي?? صحافين جو ڪم خبر ڏيڻ آهي ڪنهن به سياسي پارٽي يا اميدوار طرف جهڪاءُ پيدا ڪرڻ نه آهي. هو نيشنل پريس ڪلب، يونيسڪو ۽ آئي آر اي ڊي اي جي سهڪار سان صحافين جي خلاف تشدد، چونڊن جي شفافيت، عوامي قيادت جي ڪردار جي حوالي سان سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته صحافي جمهوريت، آئين ۽ قانون جي حڪمراني سان گڏ آهن، چونڊ عمل جي ڊوڙ ۾ ڪا به جانبداري نه ??هي?? اهڙي طرح نگران حڪومت جي ذميواري آهي ته اها ان ڊوڙ ۾ ڪنهن پارٽي يا اميدوار جي طرفداري يا مخالفت نه ڪري. هن چيو ته صحافين جي لاءِ به ضروري آهي ته اهي چونڊ عمل جي ايمانداري سان رپورٽنگ ڪن، اهو نظر ??ه اچي ته انهن جو جهڪاءُ هڪ پارٽي يا اميدوار طرف آهي. هن چيو ته صحافين جو ڪم خبر ڏيڻ ??هي?? اهو افسوسناڪ آهي ته توهان خبر بڻجي وڃون، جان محمد مهر جي واقعي تي پڻ منهنجي سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهه ٻولهه ٿي ??هي?? اهڙا واقعا رياست يا حڪومت جي لاءِ فخر جي ڳالهه ناهي هوندي. هن چيو ته صحافي جو جيڪڏهن قتل ٿئي ٿو ته ان جي ذميوارن کي جهلڻ رياست جي ذميواري ??هي?? افسوس سان چوان ٿو ته جان محمد مهر اسان شرمنده آهيون، تنهنجا قاتل زندهه آهن، پوري ڪوشش ڪندس ته جان محمد مهر جا قاتل جهليا وڃن. هن چيو ته اسان پاڻ به ڪوشش ڪري سگهون ٿا ته اسان خبر نه بڻجون، معلومات هڪ طاقت آهي اها هڪ طرف کي فائدو ته ٻئي طرف کي نقصان ڏئي رهي هوندي ??هي?? جن جو نقصان ٿئي ٿو انهن جو نزلو صحافين تي ڪري ٿو. هن اهڙي طرح جي واقعن تي ارلي الرٽ سسٽم ٺاهڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته اهو سسٽم وقت جي اهم ترين ضرورت آهي. هن چيو ته هاڻي ڪنهن کي به ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، اسان پهرين ڏينهن ئي چيو هو ته چونڊون اليڪشن ڪميشن جي ذميواري ??هي?? آئين ۽ قانون تحت ذميواري اليڪشن ڪميشن پوري ڪري رهي ??هي?? تڪبندين جو مرحلو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو ??هي?? اسان سڀني جي ڪوشش هجڻ گهرجي ته ايندڙ چونڊن بابت حقيقتو?? ماڻهن تائين پهچايون ۽ ماڻهن جي مسئلن کي به اجاگر ڪريون. هن چيو ته افسوسناڪ ڳالهه آهي ته ڪروڙين رپين جي بجيٽ سان چينلز ٺاهين ٿا، مارڪيٽ ما?? ماڻهن کي پنهنجي ادارن ۾ ٻيڻي پگهار ۽ مراعتن تي کڻي وٺن ٿا ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ ردي جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏين ٿا، اهڙو سلوڪ مناسب نه ??هي?? آئين ۽ قانون ان جي اجازت نه ٿو ڏي، پيمرا ترميمي ايڪٽ ?? ان جو باقاعده مڪينزم موجود آهي. صحافتي تنظيمون، متاثر صحافي، اينڪر پاڻ لکت طور تي آگاهه ڪن ته جيئن قانون موجب ڪارروائي اڳتي وڌائي وڃي. پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ اطلاعات واري وزارت گڏجي اليڪشن ڪوريج جي حوالي سان اسلام آباد ۽ چئني صوبن ۾ تربيتي سيشن منعقد ڪري، غلط رپورٽنگ پوري عمل کي تڪراري بڻائي ڇڏي ٿي. رپورٽنگ ذميواري سان ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ميڊيا اليڪشن جي تاريخ کي تڪراري بڻائڻ کان پاسو ڪري. هن چيو ته 5 ٽي وي چينلز کي نئي?? مالڪن خريد ڪري ورتو ??هي?? هاڻي اهي صحافين، اينڪرز ۽ معاون اسٽاف جي ڇانٽي ڪرڻ لڳي ويا آهن. نيشنل پريس ڪلب جو صدر انور رضا ۽ ٻيا پڻ سيمينار ۾ موجود هئا.