اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ملا??ات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب ملا??ات ۾ صوبي جي م??تل?? انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي نگران وڏي وزير نگران وزيراعظم کي صوبي ۾ نگران حڪومت پاران عوامي ڀلائي جي لاءِ کنيل م??تل?? قد??ن بابت آگاهه ڪيو. ملا??ات ۾ سنڌ ۾ اسمگلنگ ۽ بجلي چوري کي روڪڻ جي حوالي سان قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. نگران وزيراعظم سنڌ جي نگران وڏي وزير جي قيادت ۾ صوبي جي انتظامي معاملن جي حوالي س??ن مثبت اڳڀرائي تي حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو.