برسلز – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني برسلز ۾ پناهگي??ن جي اسمگلنگ روڪڻ جي حوالي سان جاري عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي عالمي حصيداري بابت ڪمشنر جٽا ارپيلينن سان ملاقات ڪئي. بيلجيئم ۾ پاڪستاني سفارتخاني ??اران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ جاري ترقياتي تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، يورپي يونين، پاڪستان جو اهم واپاري ۽ اقتصادي حصيدار آهي. ڌرين گلوبل گيٽ وي ۽ هورائزن يورپ تحت ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي لاءِ پاڪستان جي سفير آمنه ??لو?? پڻ ملاقات ۾ نگران پرڏيهي وزير سان گڏ هئي.