ڪراچي – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ انفارم??شن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبي تي ڌيان ڏ??ڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جدت ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جون نيون راهون کولي سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل آئيڊياز بئنڪ جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جنهن حسن سيد جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته انفارم??شن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ جدت کي فر??غ ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته غيرروايتي طريقن سان صنعتي عمل ۾ موجود مس??لا حل ڪري فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو، ڊيٽا ۽ ٽيڪنالاجي اسان کي باخبر فيصلا ڪرڻ ۽ صحيح رخ ۾ تيزي سان اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. صدر نيشنل آئيڊياز بئنڪ تي زور ڏنو ته اها صنعتي ۽ ٻين ڌرين سان تعاون وڌائي. هن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نيشنل آئيڊياز بئنڪ جي ٻئي مقابلي جي ڪامياب انعقاد تي وفد کي مبارڪبا?? ڏني. ان موقعي تي آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ٽيڪنالاجي ذريعي مقامي مس??لا حل ڪرڻ تي نيشنل آئيڊياز بئنڪ جي ميمبرن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا.