جده-27 آڪٽوبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ج??رل سيڪريٽري عالمي برادريءَ کان مطالبو ڪيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مطابق ڪش??ير مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم ??ڻي. 27 آڪٽوبر تي ڄمون ۽ ڪش??ير تي ڀارت جي ناجائز قبضي کي 76 سال مڪمل ٿي ويا آهن. او آءِ سي جي ج??رل سيڪريٽريٽ ڪش??ير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جاري بيان ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي ۽ ڄمون ڪش??ير جي عوام جي حق خوداراديت واري حق سميت ان جي حقن لاءِ او آءِ سي جي حماي?? جو عزم ورجايو. ج??رل سيڪريٽريٽ اسلامي سربراهي اجلاس ۽ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي فيصلن ۽ قراردادن جو حوالو ڏيندي ڀارت تي زور ڀريو ته هو پنهنجي غير قانوني ڏاڍ ۽ ڄمون ڪش??ير جي ماڻهن جي بنيادي انساني حقن جو احترام ڪري ۽ ان علائقي جي بين الاقوامي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي سلسلي ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل غير قانوني ۽ هڪ طرفن قدمن کي واپس وٺي.