اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اش??ف کي نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو آهي. ان حوالي سان هڪ خصوص?? ۽ ??روقار تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. تقريب ۾ نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ??ي چيئرمين ۽ هٿياربند فوج جي سربراهن کانسواءِ اعليٰ سرڪاري ??مل??ارن شرڪت ڪئي. صدر پاڪ بحريه جي سربراهه کي سندس اڻٿڪ خدمتن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو آهي. ان کان اڳ تقريب جي شروعات قومي تران?? ۽ ??رآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي.