نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ??ڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نيويا??ڪ ۾ ??ڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ??ڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي. نگران و??يراعظم گذريل سال پاڪستان ۾ ٻوڏ دوران سندس اڻٿڪ حمايت ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي فريم ورڪ (فور آر ايف) تي جنيوا ڪانفرنس جي ??ڏي?? ميزباني تي سيڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃيا. نگران و??يراعظم موسمياتي تبديلي جي سنگين خطرن جي ڏس ۾ ترقي يافته ملڪن پاران موسمياتي مالياتي واعدن جي تڪميل جي اهميت تي زور ڏنو. نگران و??يراعظم ??ڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل کي پاڪستان ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو جنهن جو ??قصد ملڪ جي مضبوط اقتصادي بحالي جي لاءِ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ آهي. نگران و??يراعظم پائيدار ترقي جي هدفن کي سگهه ڏيڻ ۽ ايس ڊي جيز ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تجويز ڪيل قدمن جي لاءِ ??ڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عاليم مالياتي تبديلي جي مطالبي کي ساراهيو. نگران و??يراعظم 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جو ذڪر ڪندي سيڪريٽري جنرل کي ڀارت پاران جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ??ڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائڻ تي زور ڏنو.