اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي سندس انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالي??ا جارجيوا سان لاڀائتي ڳال??ه ٻولهه ٿي. پنهنجي ٽوئيٽر ايڪس هينڊل تي نگران وزيراعظم چيو ته ملاقات دوران هن پاڪستان ۾ اقتصادي استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل عزم کي وڌائڻ تي زور ڏنو.