اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وفاقي ڪاب??نا جي 16 وزيرن حلف کڻي ورتو. ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي نگران وفاقي ڪاب??نا کان حلف ورتو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، پنجاب جو نگران وڏو وزير، سياستدان، بيوروڪريٽس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ نمايان شخصيتون پڻ موجود هيون. تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت کانپوءِ قومي ??راني سان ٿي. حلف کڻندڙن ۾ ڊاڪٽر شمشاد اختر، سرفراز بگٽي، جليل عباس جيلاني، مرتضيٰ سولنگي، جمال شاهه، ڊاڪٽر عمر سيف، انيق احمد، ڊاڪٽر نديم جان، ل??فٽ??ننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، سميع سعيد، گوهر اعجاز، احمد عرفان اسلم، شاهد ??شرف تارڙ، خليل جارج، مدد علي سنڌي ۽ محمد علي شامل آهن.