اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زراعت، معدنيات، کاڻ کوٽائي، آءِ ٽي ۽ توانائي جي شعبن ۾ د??ست ملڪن پاران سيڙپ??ار?? حاصل ڪرڻ جي لاءِ منصوبن جي منظوري ڏيندي هدا??ت ڪئي آهي ته انهن منصوبن تي عملدرآمد ۽ انهن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ دلچسپي ظاهر ڪندڙ سيڙپ??ار?? کي ڀرپور سهولتون ڏنيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب معاشي بحالي پلان جاري ڪرڻ ۽ پاڪستان حڪومت پاران اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪرڻ جي تسلسل ۾ ايپڪس ڪميٽي جو ٻيو اجلاس ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، وڏا وزير، وفاقي ۽ صوبائي وزير ۽ اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا. ايپڪس ڪميٽي ايس آئي ايف سي جي ڪارڪردگي ۽ سيمينارز منعقد ڪرڻ ۽ منصوبن جي افتتاح جي ذريعي امڪاني سيڙپ??ار?? تائين پهچ جي حڪمت عملي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ايپڪس ڪميٽي وزيرن پاران ايس آئي ايف سي تحت سيڙپ??ار?? جي لاءِ تيار ڪيل مختلف منصوبن جو جائزو ورتو. اجلاس جي پڄاڻي تي ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ۽ اتفاق راءِ کانپوءِ وزيراعظم زراعت، معدنيات، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي ۽ توانائي جي شعبن ۾ د??ست ملڪن پاران سيڙپ??ار?? حاصل ڪرڻ جي لاءِ منصوبن جي منظوري ڏني ۽ هدا??ت ڪئي ته انهن منصوبن تي عملدرآمد ۽ انهن کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ دلچسپي ڏيکاريندڙ سيڙپ??ار?? کي ڀرپور سهولتون ڏنيون وڃن.