اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ترقياتي بجيٽ مل??ي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 1150 ارب رپيا رکيا ويا آهن. جڏهن ته صو??ن جي ترقياتي پروگرام جو ڳاڻيٽو 1559 ارب رپيا آهي. اهڙي??َ طرح قومي سطح تي ترقياتي پروگرام جو ڳاڻيٽو 2709 ارب رپيا هوندو. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ۾ چيو آهي ته ترقياتي بجيٽ ذريعي معيشت جي استعداد ڪار ۾ واڌ، بهتر انفراسٽرڪچر جي فراهمي، افرادي ترقي، ريجنل ايڪويٽي ۽ انويسٽمينٽ ۾ واڌ جهڙا مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 1150 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته صو??ن جي ترقياتي پروگرام جو ڳاڻيٽو 1559 ارب رپيا آهي. اهڙي??َ طرح قومي سطح تي ترقياتي پروگرام جو ڳاڻيٽو 2709 ارب رپيا هوندو. هي رقم جي ڊي پي جو صرف 2.6 سيڪڙو آهي. مسلم ليگ (ن) پنهنجي گذريل حڪومتي دؤر ۾ ترقياتي خرچن جو ڳاڻيٽو جي ڊي پي جي تقريبن 5 سيڪڙو تائين پهچائي ڇڏيو هو. گذريل 4 سالن جي تباهي ۽ برباديءَ سبب ترقياتي وسيلا اڌ رهجي ويا آهن. ٻي طرف مل?? جي ترقياتي ضرورتن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي چڪو آهي. هي صورتحال ان ڳالهه جي گهرجائو آهي ته ترقياتي خرچ مل?? جي اهم ترين ترجيحن تي خرچ ڪيا وڃن.