اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻا تاريخي لاڳاپا گڏيل عقيدي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، پاڪستان ترڪيه سان و??پار، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، سياحت، انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير مهمت پاچاجي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾و زيراعظم پنهنجي ترڪيه جي تازي د??ري د??ران شاندار مهمان نوازي تي صدر رجب ??يب اردوان ۽ ترڪيه حڪومت جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻا تاريخي لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام هڪ ٻئي جي لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ احترام رکن ٿا. وزيراعظم صدر رجب ??يب اردوان جي قيادت ۾ ترڪيه جي نئين ٺهندڙ ڪابينا جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ترڪيه سان و??پار، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، سياحت، انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم پنهنجي د??ري د??ران ترڪ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ هن ??قت ٻاهرئين سيڙپڪاري جو موزون ترين ??قت آهي جڏهن ته ترڪ ڪمپنين جي ان حوالي سان گهري د??چسپي خوش آئنده آهي. وزيراعظم ترڪ سفير کي صدر رجب ??يب اردوان جي پاڪستان جي د??ري جي دعوت جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان هائي ليول اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو ڪائونسل جي ستين اجلاس جي لاءِ ترڪ صدر جي پاڪستان جي د??ري جو منتظر آهي.