انقره – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ??يم ايف جون اڳواٽ شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن، اميد آهي ته هلندڙ مهيني آءِ ??يم ايف سان حتمي معاهدو ٿي ويندو، موجوده حڪومت پاڪست??ن جي عو??م ۽ ڀائراڻي ۽ دوست ملڪن جي مدد سان بهترين انداز ۾ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب رهي آهي، عمران خان کي سنگين بدعنواني ۽ غيرقانوني ڏيتي ليتي جا الزام درپيش آهن جنهن کي قانون موجب منهن ڏنو ويندو، پاڪستان ۽ ترڪيه ويجهي مستقبل ۾ بائيو گيس، شمسي توانائي ۽ پن بجلي جهڙن شعبن تي ڌيان ڏئي واپار کي وڌائڻ ۽ گڏيل ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ??عاون کي فروغ ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيه جي صدر رجب طيب اردو??ن جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي ترڪيه جي قومي خابرو اداري اناطوليه کي خصوصي انٽرويو ڏيندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان اڃا به پراميد آهيون ته آءِ ??يم ايف پروگرام عمل ۾ ايندو، آءِ ??يم ايف پاران اس??ن جو نائون جائزو سمورين شرطن ۽ ضابطن سان هڪ جهڙائي رکي ٿو ۽ اميد آهي ته اسان کي هن مهيني ڪا سٺي خبر ملندي، اسان سموريون شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن، آءِ ??يم ايف جي هر هڪ شرط کي اڳواٽ قدمن طور پورو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته انهن مان ڪجهه قدم عام طور تي بورڊ جي منظوري کانپوءِ ڪيا وڃن ٿا پر هن ڀيري آءِ ??يم ايف جي گهرج هئي ته انهن قدمن کي بورڊ جي منظوري کان اڳ پورو ڪيو وڃي، ??ن جي لاءِ ??سان انهن کي پورو ڪيو. آءِ ??يم ايف سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ هنگامي منصوبي جي حوالي سان شهباز شريف پاڪستاني قوم جي عزم ۽ استقامت تي زور ڏنو، پاڪست??ن جي عو??م ماضي ۾ چئلينجز کي منهن ڏنو آهي ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته اسان پاڻ کي مضبوط ڪنداسين. هن چيو ته جڏهن موجوده حڪومت اپريل 2022ع ۾ عمران خان کي بي اعتمادي جي ووٽ جي ذريعي اقتدار کان هٽائي قائم ٿي ان وقت کان پاڪستان کي تمام گهڻا مسئلا درپيش آهن، اهي مسئلا گذريل حڪومت جي پاليسين، آگسٽ ۾ ايندڙ ٻوڏ ۽ مهانگائي جي ڪري آهن. هن چيو ته پاڪستان اپريل 2022ع ۾ ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو هو ڇو ته ان وقت جي حڪومت آءِ ??يم ايف معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي هئي ۽ معيشت تباهي جو شڪار هئي، پوءِ ??س??ن جي ملڪ ۾ آگسٽ 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آئي، ان سان گڏ اسان کي عالمي صورتحال جي ڪري تيزي سان وڏندڙ مهانگائي پڻ درپيش آهي. هن زور ڏئي چيو ته سندس حڪومت پاڪست??ن جي عو??م ۽ ڀائراڻي ۽ دوست ملڪن جي مدد سان بهترين انداز ۾ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب رهي آهي. هن ملڪ جي موجوده صورتحال جي حوالي سان چيو ته عمران خان کي سنگين بدعنواني ۽ غيرقانوني ڏيتي ليتي جا الزام درپيش آهن جنهن کي قانون منهن ڏيندو. وزيراعظم چيو ته عمران خان پنهنجي گرفتاري جي صورت ۾ هڪ عرصي کان پنهنجي ماڻهن کي پرتشدد ردعمل ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ??هني طور تي تيار ڪري رهيو هو، اهو ??ن جي ٺڳن جو هڪ گروپ آهي، هن رياست پاڪست??ن جي خلاف انتهائي سنگين قدم جي منصوبابندي ڪئي، هن پنهنجي ماڻهن کي اتساهيو، ??ن جا بنا ڪنهن شڪ جي ثبوت موجود آهن. شهباز شريف چيو ته عمران خ??ن جي حامين کي عمارتن کي باهه لڳائڻ، ادارن تي حملو ڪرڻ ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، جن ماڻهن شهري ٺڪاڻن تي حملو ڪيو آهي انهن جي خلاف سويلين قانون تحت ڪيس هلايو ويندو ۽ جن ماڻهن ??وج?? ٺڪاڻن تي حملو ڪيو ۽ ادارن جي بي حرمتي ڪئي انهن جي خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪيس هلايو ويندو. هن واضح ڪيو ته اهو ايڪٽ 1951ع کان لاڳو آهي ۽ ??وج?? اهلڪارن کانسواءِ ??هڙن عام شهرين تي ڪيس هلائڻ جي اجازت ڏي ٿو جن جي ڪجهه ڏوهاري ڪاررواين سان سڌوسنئون يا اڻ سڌي طرح تعلق آهي، ان ايڪٽ تحت هڪ ڀيرو جج پاران سزا ٻڌائڻ کانپوءِ مدعي وٽ ٻه اپيلون هونديون آهن، هو هاءِ ڪورٽ ۽ پوءِ ??پريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ اپيل ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ان پوري عمل جو مقصد انصاف جي فراهمي يقيني بڻائڻ آهي ته جيئن پاڪستان ۾ ٻيهر ائين ڪڏهن به نه ٿئي، ڇا ڪو به مهذب ملڪ رياست جي خلاف اهڙي قسم جي ڀڃ ڊاهه جي اجازت ڏيندو جيڪو پاڪستان ۾ 9 مئي تي ٿيو؟ وزيراعظم مثال ڏيندي چيو ته جيڪو 6 جنوري 2021ع تي واشنگٽن ۾ ڪيپٽل هل ۾ ٿيو هو، ڇا انهن ڏوهارين تي ڪيس نه پيو هلايو وڃي ۽ انهن کي سخت سزائون نه پيون ڏنيون وڃن ته جيئن آمريڪا جي تاريخ ۾ اهڙو واقعو ٻيهر نه ٿئي؟ شهباز شريف ترڪيه جي عو??م کي صدر رجب طيب اردو??ن جي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته آئون پنهنجي ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان سان گڏجي ڪم ڪندس، هو هڪ بصيرت وارو اڳواڻ ۽ عو??مي خدمت تي يقين رکندڙ پرعزم شخصيت آهي، مون کي اميد آهي ته اس??ن جا لاڳاپا ڀائيچاري، افهام تفهيم ۽ اقتصادي تعاون جي لحاظ کان تمام وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته اس??ن جا ٻئي ڀائر ملڪ هڪ روح وانگر آهن جن جي دل گڏ ڌڙڪي ٿي، اسان مختلف زبانون ڳالهايون ٿا پر اسان سمجهون ٿا ته اسان پنهنجي دل سان ڇا چئي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه ويجهي مستقبل ۾ بائيو گيس، شمسي توانائي ۽ پن بجلي جهڙن شعبن تي ڌيان ڏئي واپار کي وڌائڻ ۽ گڏيل ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ??عاون کي فروغ ڏيندا.