اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪيه جي صدر رجب طيب ا??دوان کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته صدر جي متح??ڪ قيادت ۾ پاڪ – ترڪيه لاڳاپن کي فروغ ملندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ چ??و ته پنهنجي ويجهي دوست ۽ ڀاءُ صدر رجب طيب ا??دوان کي ترڪيه جي صدارتي چونڊن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. صدر چيو ته رجب ا??دوان جي فتح عوام جي ان تي ڪيل اعتماد جي عڪاسي ??ري ٿي، ترڪيه اسان جو تمام ويجهو دوست آهي جنهن سان اسان جا صدين کان ڀائراڻا لاڳاپا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه مشڪل وقتن جا پراڻا ساٿي آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه سدائين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. صدر چيو ته مون کي يقين آهي ته رجب طيب ا??دوان جي متح??ڪ قيادت ۾ پاڪ – ترڪيه لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. صدر اميد ظاهر ڪئي ته اسان صدر رجب طيب ا??دوان سان گڏ??ي ڪم ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ترڪيه سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا منتظر آهيون.