اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلاروس ??ان اقتصادي، زرعي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعليم، ثقافت ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي لاءِ پاڪستا?? جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان بيلاروس ??ان پنهنجي خوشگوار ۽ گهڻ رخي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان لاهور ۾ بيلاروس ??ي پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف بيلاروس ??ي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ وزيراعظم کي صدر لوڪا شينڪو جو مبارڪباد وارو پيغام پهچايو جنهن ۾ چيو ويو ته بيلاروس پاڪستان کي خطي جو هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ا?? جي ڪوششن کي ساراهي ٿو. وزيراعظم بيلاروس ??ي پرڏيهي وزير کي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق?? جي خلاف ورزين کان پڻ آگاهه ڪيو. پاڪستان ۽ بيلاروس ??ي 2024ع ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 30 هين سالگرهه جي ڏس ۾ وزيراعظم مسلسل اعليٰ سطحي وفد?? جي مٽاسٽا ۽ ٻين سرگرمي?? جي آجيان ڪئي. ان سلسلي ۾ هن بيلاروس ??ي صدر کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.