اسلام آباد- 17 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ لاءِ وزير??عظ?? هائوس ۾ تقريب منعقد ٿي. وزير??عظ?? شهباز شريف پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستان ط??فان گهرو وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله خان جڏهن ته سعودي عرب طرفان سعودي نائب دفاع وارو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعز??ز مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون. معاهدو حج پانڌيئڙن جي اميگريشن جي عمل کي آسان ۽ هموار ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو. مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سينيٽر طلحه محمود، من??يا?? جي خاتمي وارو وفاقي وزير شاهه زين بگٽي ۽ گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو ۽ ٻيا عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.